سنڌي مرثيه نويسي

سنڌي مرثيه نويسي (ڪتاب): هي ڪتاب، غلام رسول بلوچ جو سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ ايم. اي لاءِ لکيل مونوگراف آهي، جيڪو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، ڪتاب ۾ مرثيي جي وصف، تاريخ، ابتدا ۽ اهميت، مرثيي جو عروج، اردو شاعريءَ ۾ مرثيه نگاري، سنڌي مرثيي جي ابتدا، سنڌي مرثيي جو قديم دور ۽ سنڌي مرثيي جو جديد دور شامل آهي. سنڌي مرثيي جي قديم دور ۾ شاهه عبداللطيف، مخدوم عبدالله نري واري، سيد خير شاهه، چنڻ فقير، سچل سرمست ۽ مخدوم عبدالرئوف ڀٽي شاعر ڏنا ويا آهن ۽ جديد دور ۾ سيد ثابت علي شاهه، آخوند محمد عالم، بيدل، شاهه نصير، مير حسن علي خان، مرزا فتح علي بيگ، مرزا ٻڍل بيگ، مرزا قاسم بيگ، مرزا غلام رسول بيگ، مرزا قليچ بيگ، ناصر علي خواجو ۽ مل محمود پلي شامل ڪيا ويا آهن.
ڪرائون سائيز جي 102 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سيپٽمبر 1970ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شوري جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خواجه غلام علي الانا ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 2.50 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو